پوريا ڌناسري

پوريا ڌناسري (راڳڻي): پوربي ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي جنهن جو وادي سر پنچم آهي. هيءَ راڳڻي راڳ پوريا ۽ ڌناسريءَ جي ميلاپ مان ٺهيل آهي. هي شڌ مڌم نه هجڻ ۽ وادي سر پنچم هئڻ ڪري پوربي راڳڻي کان ڇڄي بيٺي آهي. سري راڳ جو ڪو به انگ منجهس ڪونهي. بسنت ۽ پرچ اترانگ جا راڳ آهن، پر هيءَ پور وانگ جي راڳڻي آهي. پوريا ڌناسري اصل ۾ ڌناسري آهي.
هن جي خاص تان: ني را گي- مي پا- ڌا پا- مي گي- مي را گي- را سا آهي. هن جي آروهي: ني را گي مي پا ڌا پا ن سَا آهي، ۽ امروهي: رَا ني ڌا پا مي گي- مي را گي- را سا آهي.هن جو وادي سُر: پنچم ۽ سم وادي سُر: کرج آهي. هن جي ڳائڻ جو وقت شام جو آهي.
پوسرڪو: ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي مٺيءَ ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
هربوسر، روهيڙو، پوسرڪو، ٻواٽو، ڌاراڙ، ڦانگهاريو، کاري واهه، موکار، سڄڻ ڀيل، ڀاناڻي ڀيل ۽ سانهياسَر.


لفظ پوريا ڌناسريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو